Facebook - Fan Page Like us

Friday, April 27, 2012

رنڪل معاملي ۾ ڌر ٿيڻ تي ماٿيلي جو ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او معطل، بيان ورتا ويا



سکر (رپورٽ؛ جاويد ميمڻ) آءِ جي سنڌ پوليس رنڪل معاملي تي جانبداري اختيار ڪرڻ ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ جي الزامن هيٺ ڊي ايس پي مير پور ماٿيلو عباس شاهه کي فوري طور تي معطل ۽ واقعي وقت ميرپور ماٿيلو ٿاڻي جي ايس ايچ او ذوالفقار مهر کي معطل ۽ رورٽ ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف آءِ جي سنڌ پاران رنڪل جي مبينا اغوا ۽ کيس مقامي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ دوران گھوتڪي پوليس جي مشڪوڪ ڪردار بابت جوڙيل 4 ميمبرن تي ٻڌل جاچ ڪاميٽي جي ميمبرن ڪالهه ٻئي ڏينهن ميرپور ماٿيلو پهچي معطل ڊي ايس پي عباس شاهه، معطل ايس ايچ او ذوالفقار مهر سميت 10 کان وڌيڪ پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن کان بيان ورتا. ڪاميٽي ميمبرن ميرپور ماٿيلو هندو پنچايت جي مکي ڊاڪٽر نند لال، رنڪل جي مائٽن ۽ ٻين پنچايت ميمبرن جا پڻ بيان ورتا. ان ڏس ۾ عوامي آواز کي ڪاميٽي ذريعن وٽان مليل اطلاعن موجب هندو برادري جي نمائندن پنهنجن بيانن ۾ پوليس تي سخت ڇوهه ڇنڊيندي الزام مڙهيو ته پوليس ڄاڻايل معاملي ۾ مڪمل طور تي ميان مٺو جي ذاتي ملازم بڻجي ڪم ڪندي رهي. هنن چيو ته مٿن تمام گھڻو ظلم ۽ زيادتي ٿي آهي، پوليس نه رڳو سندن ايف آءِ آر غلط داخل ڪئي پر ڄاڻي واڻي ان معاملي کي اينگھائي دير ڪئي وئي. رنڪل جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران هندو برادريءَ کي عدالت ۾ داخل ٿيڻ کان زبردستي روڪيو ويو ۽ کين ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ مٿن لاٺي چارج ڪيو ويو جڏهن ته ڀرچونڊي پيرن ۽ انهن جي هزارين حامين کي هٿيارن سميت عدالت ۾ ڇڏيو ويو. هندو نمائندن اهو به الزام مڙهيو ته رنڪل کي اغوا ڪري زوري مسلمان ڪيو ويو ۽ پوليس مٿس دٻاءُ وجھرائڻ لاءِ اڌ رات جو سکر وومين ٿاڻي مان ميان مٺي ڏانهن وٺي وئي. ذريعن موجب پوليس عملدارن پاڻ مٿان لڳايل سمورن الزامن کي رد ڪندي بيان ڏنا ته ناري رنڪل عرف فريال پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان مسلمان ٿي ۽ مرضيءَ سان نويد شاهه سان نڪاح ڪيو. پوليس عملدارن پنهنجن بيانن ۾ ناري کي ميان مٺو وٽ پيش ڪرڻ واري الزام جي پڻ ترديد ڪندي چيو ته ناري کي سکر مان آڻي پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ نحفظ لاءِ رکيو ويو هو. ڪاميٽي ميمبر رات دير تائين بيان وٺڻ بعد سکر روانا ٿي ويا. واضح رهي ته آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل ڪامِيٽي جو چيئرمين ڊي آءِ جي سکر ڊاڪٽر امير شيخ آهي جڏهن ته ميمبرن ۾ ايس ايس پي سکر ثاقب اسماعيل ميمڻ، ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ ۽ اي ڊي آءِ جي ڪرائيم برانچ شوڪت عباسي شامل آهن. عوامي آواز سان ڳالهائيندي ڪاميٽي ميمبر شوڪت عباسي ٻڌايو ته بيان ورتا آهن اڃا ميان مٺي سميت ڪجهھ ٻين ماڻهن جا بيان وٺڻا آهن.

مولوين جي ڌمڪين کان نٿا ڊڄون، لطيف جي ڌرتي نه ڇڏينداسين، هندو پنچائت ماٿيلو


هندو پنچائت ميرپور ماٿيلو جي مکي ڊاڪٽر نند لال ڊاڪٽر ميهر چند تلريجا ۽ ٻين عوامي آواز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته مولوي مفتي نواب مولوي آدم ۽ ٻين پاران اخبارن ۾ ڏنل بيان ۾ فريال بي بي کي واپس ڪرائڻ لاءِ 4 هند ناريون اغوا ڪنداسين فريال کي هندن حوالي ڪيو ويو ته ڪير به رتوڇاڻ کان روڪي نه سگهندو اهڙا بيان مذهبي ماڻهن طرفان هندن کي ڌمڪائي رهيا آهن ته جيئن هندو برادري رنڪل ڪماري جي اغوا واري معاملي تان هٿ کڻي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته هندو برادري طرفان اهڙي قسم جا بيان ڏيندڙن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪنداسين جڏهن ته هندو برادري کي ڪوبه نقصان پهتو ته ان جي ذميوار سنڌ حڪومت هوندي هن چيو ته هندو برادري سان ظلم جي انتها ٿي وئي آهي هڪ طرف بندوق جي زور تي اغوا ڪري نياڻين کي مسلمان ڪرايو پيو وڃي ته ٻي طرف سرعام اسان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن اسان جا ٻچا گهرن ۾ قيد آهن. ٻارڙن کي ڌمڪين سبب اسڪول نٿا موڪليون پر اسان انهن بيان ڏيندڙ ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان ڪنهن کان به نٿا ڊڄون اسان شاهه لطيف ۽ قلندر شهبازجي ڌرتي نه ڇڏينداسين، ڀلي ڪيترو به ظلم ڪيو وڃي پر سنڌ ڌرتي نه ڇڏينداسون.

Thursday, April 26, 2012

پنجاب حڪومت کي گهوڙن جي نه پر گڏهن جي ضرورت آهي: چيف جسٽس لاهور


چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ  شيخ عظمت  سعيد چيو آهي ته پنجاب حڪومت کي گهوڙن جي نه گڏهن جي ضرورت آهي، درخواستگذار نويد صادق جي درخواست تي چيف جسٽس درخواست گذار  کان پڇيو ته اوهان  گهوڙا ڇو ٿا پاليو، جنهن تي درخواستگذار چيو ته گهوڙا سانڍي پنجاب حڪومت کي  ڏيندو آهيان، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پنجاب حڪومت کي گهوڙن جي نه پر گڏهن جي ضرورت آهي، جڏهن ته حافظ سعيد جي تحفظ واري درخواست جي ٻڌڻي تي وفاقي گهرو کاتي طرفان  چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي عدالت ۾ جواب داخل ڪرائيندي  موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ عدليا آزاد آهي پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي،  حڪومت بغير ڪنهن ثبوت جي پنهنجي شهرين جي خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪندي، جڏهن ته پرڏيهي  کاتي طرفان  ساڳيو جواب داخل ڪرايو ويو آهي،

بشير قريشي کي پنجاب سامراج قتل ڪرايو، آزادي تان هٿ کڻڻ بدران شهادتن کي ترجيح ڏينداسين:ڪالاڻي

سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 17 هين ورسي بشير خان قريشي جي وڇوڙي جي ڪري نهايت سادگي سان ملهائي وئي، ورسي جي موقعي تي ڪو به سياسي جلوس نه ٿيو، جسقم جي جسٽس ڪائونسل جو اجلاس ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن بعد صحافين سان ڳالهائيندي نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ جدوجهد ڪندڙ اسان جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي کي پنجاب سامراج جي چرچ تي قتل ڪيو ويو آهي پر قومي تحريڪ سنڌ جي آجپي لاءِ شهادتن کي ترجيح ڏيندي، سنڌ جي آزادي تان هٿ نه کنيو ويندو، سنڌ جي آزادي خاطر جسقم جي سموري قيادت هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جسقم جي مرڪزي وقتي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جسقم جي سموري مرڪزي قيادت آصف بالادي، منير حيدر شاهه، ثنان قريشي، مقصود قريشي، حبيب ڀٽو، ساگر حنيف بڙدي ۽ ٻي قيادت سان گڏجي سائين جي ايم سيد جي 17 هين ورسي جي حوالي سان سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري، هن وڌيڪ چيو ته بشير خان قريشي کي سنڌ جي آزادي لاءِ شروع ڪيل جدوجهد کي ختم ڪرڻ لاءِ پنجاب سرامراج هٿ وٺي هڪ سازش تحت بشير خان قريشي کي قتل ڪرايو آهي، شهيد بشير خان قريشي جي قتل ڪندڙ پنجاب سامراج خلاف 13 مئي تي جسقم ۽ سنڌ جي قومي قيات ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پنجاب جو رستو روڪ ڪندي ڌرڻو هنيو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ۽ ورسي تي لکين سنڌين جي ڳالهه ڪندڙ ۽ ناز ڪندڙ بشير خان قريشي هن سال اسان کان جسماني طور تي گڏ ناهي پر ان جي راهه ۽ ڏسيل واٽ اسان سان گڏ آهي، شهادتون جسقم کي ڪڏهن به سنڌ جي آزادي تان هٽائي نٿيون سگهن، هن وڌيڪ چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌ جي آزادي جي هلچل جو باني هو ۽ ان جو جيڪو خواب آهي سنڌ جي آزادي ان کي جسقم هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ساڀيان ڪندي، هن وڌيڪ چيو ته جسقم چيئرمين جي قتل ڪيس جي حوالي سان اڳوڻو گهرو وزير منظور وساڻ ڪجهه سنجيده هو پر ان کي به پنجاب سامراج جي اشاري تي هٽايو ويو آهي پر اسان حڪومت کي خبردار ڪيون ٿا ته بشير خان قريشي جي قتل ڪيس ۾ ڪا به هيرا ڦيري ڪئي وئي ته سنڌي قوم سخت احتجاج ڪندي، جڏهن ته سائين جي ايم سيد جي مزار ڀرسان جتي جسقم جو هر سال جلسو ٿيندو هو اتي جسقم طرفان شهيد بشير خان قريشي جون تصويرون لڳائي تعزيتي پنڊال قائم ڪيو ويو هو جتي شهيد بشير خان قريشي جي ياد ۾ 10 منٽن تائين خاموشي اختيار ڪرڻ کانپوءِ بشير خان قريشي جي وارثن ثنان قريشي، مقصود قريشي ۽ جسقم قيادت ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آصف بالادي پاران شهيد بشير قريشي جي لاڏاڻي تي قومي ڪارڪنن کان تعزيتون وصول ڪيون

سرائيڪي صوبو انتظامي حڪم تحت نه ٺاهينداسين:جهانگير بدر

پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جهانگير بدر چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) خاص ڪري ڏکڻ پنجاب جي ماڻهن جي جذبن خلاف ۽ سندن خواهشن سان ٽڪراءَ واري سياست ڪري رهي آهي جنهن جو مسلم ليگ نواز کي ئي نقصان پوندو، پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) هڪ پروپيگنڊا شروع ڪئي آهي، جنهن جو پتو ان کي مستقبل ۾ ئي پوندو.  سرائيڪي صوبو ڪنهن انتظامي حڪم (ايگزيڪيوٽو آرڊر) تحت نه پر قانونسازي ذريعي ٺهندو، مسلم ليگ (ن) پنجاب جي پارٽي بڻجي وئي آهي، ان کي پاڪستان جي پارٽي سڏائڻ جو ڪو حق ناهي. هن اهڙو اظهار ڪالهه هتي پ پ ميڊيا سيل تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پيپلز پارٽي ۾ آهي ۽ هو پارٽي جو ڪارڪن آهي. لشڪري رئيساڻي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ جهانگير بدر چيو ته پارٽي اندر اختلاف راءِ پيدا ٿيندي آهي پر لشڪري رئيساڻي پارٽي ناهي ڇڏي ۽ هو پارٽي جو حصو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخدوم شاهه محمود قريشي جون پارٽي لاءِ ڪي قربانيون ناهن، جنهن ڪري ان جي وڃڻ سان اسان مايوس ناهيون. هن چيو ته پيپلز پارٽي عدليا جو احترام ڪري ٿي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو کان وٺي موجوده وزيراعظم يوسف رضا گيلاني تائين پيپلز پارٽي جا اڳواڻ هميشه عدالتن ۾ پيش ٿيندا رهيا آهن، جڏهن ته اڄ پڻ وزيراعظم سپريم ڪورٽ آڏو پيش ٿيندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي سرچاءُ واري پاليسي تي يقين رکي ٿي جيڪا پاليسي محترمه بينظير ڀٽو شروع ڪئي هئي، جيڪا اي آر ڊي ۾ انهن پارٽين سان به گڏ ويٺي جن سان ماضي ۾ سندس وڏا اختلاف هئا. شهيد بينظير ڀٽو اي آر ڊي ۾ اهڙين پارٽين سان گڏ ويهي سياسي سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو هو. هن چيو ته هي سال عام چونڊن جو سال آهي، پارٽي شريڪ چيئرمين ۽ صدر آصف علي زرداري شفاف چونڊن کي يقيني بڻائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن. ان موقعي تي پ پ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري سيد تاج حيدر، سينيٽر سعيد غني ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

سنڌ ۾ هفتي ۾ ٻن موڪلن ۽ مارڪيٽون 8 وڳي بند ڪرڻ جي سمري تيار



ڪراچي (بيورو رپورٽ) لاهور ۾ ٿيل قومي توانائي ڪانفرنس ۾ ڪيل فيصلن جي عمل خاطر سنڌ جي توانائيءَ واري کاتي سنڌ ۾ بجليءَ جي بچت لاءِ هفتي ۾ 2 ڏينهن سرڪاري موڪلون ڪرڻ ۽ مارڪيٽون، بازارون ۽ ڪاروباري مرڪز رات جو 8 وڳي بند ڪرائڻ جون سفارشون سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه حوالي ڪري ڇڏيون آهن. سرڪاري ذريعن موجب انهن سفارشن جي وڏو وزير ڪنهن به وقت منظوري ڏئي ڇڏيندو، جنهن کانپوءِ چيف سيڪريٽري باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيندو. ذريعن موجب توانائي کاتي جي سفارشن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ بجلي جي بچت لاءِ صوبائي سرڪار جي کاتن ۽ ادارن مان ڪارپوريشنن ۽ مڪاني ادارن ۾ هفتي ۾ 2 ڏينهن جي موڪل ڪئي وڃي جڏهن ته ڪاروباري مرڪز، بازارون ۽ مارڪيٽون رات جو 8 وڳي بند ڪرايون وڃن ۽ ان ڏس ۾ واپارين، دڪاندارن سان گڏجاڻيون ٿيون جن ۾ هنن امن امان بهتر ڪرڻ جو شرط رکيو جنهن لاءِ سنڌ سرڪار جوڳا اپاءُ ورتا آهن.